الهه بخش ٽالپر

الهه بخش ٽالپر: الهه بخش ولد حسين خان ٽالپر سندس ڳوٺ درياخان ٽالپر جو هو، جنهن کي ”ٺوڙها لتڻيون“ به چوندا آهن ۽ تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد ۾ آهي، جتي هن 31 مارچ 1914ع تي جنم ورتو. پرائمري اسڪولن ۾ ملازمت ڪيائين، جتان پنهنجي اهليت سان، پوءِ اسڪولن جو سپروائيزر به ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين. ادبي ذوق رکندڙ هو. پارسي ٻوليءَ جي به ڄاڻ هيس. ننڍا علمي ادبي ڪتاب لکيائين. سندس تصنيفن جو تعداد 15 آهي، جن مان ”پرديسيءَ جو پيار“ ناول مشهور اٿس. 18 اپريل 1976ع تي وفات ڪيائين.


لفظ الهه بخش ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.03.31  عيسوي

الهه بخش ٽالپر 31 مارچ 1914ع تي جنم ورتو


1976.04.18  عيسوي

الهه بخش ٽالپر 18 اپريل 1976ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت نارو مل
محمد ابراهيم پنهور
مظهر ابڙو
پير محبوب شاهه
چٺا حامد ناصر
حڪيم حسين سيوهاڻي
ٽالسٽاء
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
ڪرڻجي سوڍو
ڀائي لعل محمد استاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون